ڀارتي گلوڪار کي عاطف اسلم جي ياد ستائڻ لڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي موسيقار ۽ گلوڪار ٽوني ڪڪڙ کي پاڪستاني گلوڪار عطاف اسلم جي ياد ستائڻ لڳي ۽ اهن ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته “يي حد ختم ڪردو دوري سهي جائي نا”. ڀارتي گلوڪار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گلوڪار جو نالو ته ناهي کنيو پر ان جي ٽوئيٽ کان ظاهر ٿئي ٿو ته هو عاطف اسلم کي ياد ڪري رهيو آهي. ان کان علاوهه ٽوني ڪڪڙ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ايترو پيارو  آواز دنيا ۾ ڪنهن جو به ناهي. ڀارتي گلوڪار ٽوني ڪڪڙ بالي ووڊ جي مقبول ترين گلوڪاره نيها ڪڪڙ ۽ سونو ڪڪڙ جو ڀاءُ آهي ٽوني ڪڪڙ جي مشهور گانن ۾ ڪوڪو ڪولا تو، ڌيمي ڌيمي ۽ ملي هو تم هم ڪو شامل آهن. واضح رهي ته گذريل سال ڀارتي حڪومت آئين ۾ مقبوضه ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ واري صورتحال کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تعلقاتن ۾ ڇڪتاڻ اچڻ ڪري ٻنهي طرفن کان مواد نشر ڪرڻ ۽ ادارن سان گڏ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو