ٿرڪول رٿا شروع ٿيڻ سان مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي: بلاول

ٿرڪول رٿا شروع ٿيڻ سان مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي: بلاول

مٺي ( ن س ) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿر جو ماڊل استعمال ڪندي پاڪستان کي بدلائي سگهون ٿا، چاهيون ٿا ته ٿر ۾ شهباز اسپيڊ سان ڪم هلي.ٿرڪول منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿرڪول رٿا شروع ٿيڻ کانپوءِ مائننگ وارو منصوبو شروع ڪيو، جڏهن کان ٿرڪول واري رٿا شروع ٿي، مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي.هن چيو ته ٿر جي عورتن جي ٽرڪ هلائڻ کان انجينئرنگ واري شعبي تائين ڪم ڪري رهيون آهن، اسان کي ترقي جي نئين رٿا شروع ڪرڻي پوندي، ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي پلانٽ جو افتتاح ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جو اڌ کان گهڻو حصو اڄ به پاڻي هيٺ آهي، متاثرن کي گهر اڏي ڏيڻ جي ذميواري وزيراعظم ۽ اسان سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي.سندس چوڻ هو ته پهريان ٿر ۾ ٻارن جي فوتگين جي شرح تمام گهڻي هئي، اڄ اتي ٻارن جي فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو