اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ)ٿرپارڪر ۾ اسلام ڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 15 ڄڻن کي نانگ کائي فوت ٿي ويا.گذريل 3 ڏينهن دوران نانگن جي کاڄ کان متاثر 60 ڄڻن کي اسپتال آندو ويو آهي، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.ٿرپارڪر ۾ برساتن کانپوءِ نانگن جي فوت ٿيڻ جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿي ويو آهي.اسلام ڪوٽ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار لنجو موجب گذريل 3 ڏينهن دوران 60 نانگن جا مريض اسپتال ۾ علاج لاءِ آيا آهن.هن اهو به ٻڌايو ته نانگ جي کاڄ جي سمورن مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي.










