ٿرپارڪر، ٻڪريون چوري جو الزام، پوليس تشدد سبب نوجوان فوت

ٿرپارڪر، ٻڪريون چوري جو الزام، پوليس تشدد سبب نوجوان فوت

ٿرپارڪر (ن س )ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو ويجهو ٻڪريون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس اهلڪارن جي تشدد سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو آهي. ٻڪريون چوري ڪرڻ جي الزام ۽ نوجوان جي فوتگيءَ واري واقعي تي ڏيپلو ٿاڻي ۾ 3 پوليس اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر (FIR) موجب، ٽنهي اهلڪارن نوجوان تي سخت تشدد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، جنهن بعد اهلڪار نوجوان جو مڙهه ڏيپلو اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا.ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وارث مڙهه کڻي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو