پ پ پ اڳواڻ فراز امتياز شيخ پاران سجاد سيٺار سان تعزيت

پ پ پ اڳواڻ فراز امتياز شيخ پاران سجاد سيٺار سان تعزيت

شڪارپور (ن سنڌيار) پ پ پ اڳواڻ فراز امتياز شيخ پاران سجاد سيٺار سان تعزيت ڪئي وئي، بلدياتي اليڪشن اچي رھي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جا ورڪر اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪن، فراز امتياز شيخ. خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فراز امتياز شيخ ڳوٺ مريد سيٺار پھچي ڪري وڏيري حبيب الله سيٺار، عنايت الله سيٺار ، احسان الله سيٺار ، اسد الله سيٺار ، سليم الله سيٺار جن جي ڀيڻ ۽ سماجي اڳواڻ سجاد سيٺار سان پفي جي وفات تي عذرخواهي ۽ تعزيت ڪئي ۽ مرحومه لاءِ دعا گھري، ان موقعي تي پي پي پي جي نوجوان اڳواڻ فراز امتياز شيخ ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي اليڪشن اچي رھي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جا ورڪر اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪن، ان موقعي تي بابر سيٺار، خليل الله سيٺار تاج محمد ٻرڙو، ظهير احمد ڊريھو، اقبال حسين عباسي، جاويد احمد شيخ ۽ ٻيا موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو