ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سياسي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان آچر جي ڏينهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو هڪ بيان ۾ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته دريائن ۾ پاڻي جي صورتحال معمول تي اچڻ تائين سياسي سرگرميون معطل رهنديون. هن سمورن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن خاص طور تي دريائي علائقن جي متاثرين جي ڀرپور مدد ڪن. هن چيو ته پ پ اڳواڻ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪن، رليف ڪيمپ قائم ڪن ۽ هر ممڪن تعاون ڪيو وڃي.نثار کهڙو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي هر مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ آهي. حڪومت مڪمل طور تي الرٽ آهي اميد آهي ته ٻوڏ وهڪرو محفوظ طريقي سان گذري ويندو.










