اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي ڪجهه سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي.پيپلز پارٽي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، ان نظرثاني اپيل ۾ مخصوص سيٽن بابت 12 جولاءِ جو فيصلو واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.پيپلز پارٽي جي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف کي پڇڻ کانسواءِ سيٽون ڏنيون ويون.واضح رهي ته مسلم ليگ ن مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري چڪي آهي. ياد رهي ته هلندڙ مهيني سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو هو.پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










