اسلام آباد)بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي 100 کان وڌيڪ آفيسرن پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب موڪلن لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن.ايف بي آر ان لينڊ روينيو گريڊ جي 17، 18، 19 آفيسرن اڄ کان 30 جون تائين موڪلن جي درخواست ڏني آهي.ايف بي آر ملازمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايگزيڪيوٽو الائونس ۽ پگهارن ۾ 150 سيڪڙو واڌ نه ڪئي وئي ته سخت ردعمل سامهون ايندو، وزيراعظم آفيس، سپريم ڪورٽ ۽ ڪيترن ئي ادارن ۾ پگهارون 100 ڀيرا وڌيڪ آهن.ايف بي آر ملازمن جو موقف آهي ته پگهارن ۾ گهٽتائي سبب گهرن جا خرچ برداشت نه ٿا ٿين، مهانگائي جي شرح ٻيڻي ٿي وئي آهي، موجوده پگهارن سان گهرن جا خرچ پورا نٿا ٿي سگهن.










