دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) ميونسپل ڪاميٽي جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ عملي پاران 3 مهينن کان پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ملازمن ميان بخش ,ميهر گاڏهي,گلزار گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اهي پوري شهر جي صفائي ڪندا آهن, گند ڪچرو ميڙڻ ۽ شهر کي صاف سُٿرو رکڻ باوجود کين ٽن مهينن کان پگهار ناهي ڏني وئي, جنهن ڪري سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ڇاڪاڻ ته ڪو به دوڪاندار کين اوڌر تي راشن ڏيڻ لاء تيار ناهي, هنن مطالبو ڪيو ته کين بنا دير جي پگهارون جاري ڪري فاقه ڪشي کان بچايو وڃي.










