پڊعيدن جو نوجوان فوجي اتر وزيرستان ۾ شهيد

پڊعيدن (مجاهد شر) اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ شھيد ٿيندڙ 3 فوجي اهلڪارن مان هڪ جو تعلق پڊعيدن سان آھي وارڊ نمبر 6 جو رهائشي  ساجد علي ولد حنيف راجپوت جي ميت رات دير سان پڊعيدن پهچندي شھيد فوجي جوان ساجد راجپوت کي پڊعيدن ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. شهيد نوجوان جي ڀاءُ راحيل احمد ٻڌايو ته اسانجو ڀاءُ 8 سال اڳ سنڌ ريجمينٽ فوج ۾ ڀرتي ٿيوشھيد فوجي جوان ساجد راجپوت کي هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آھي. واضح رهي ته وارڊ نمبر 6 پڊعيدن ٽائون ۾ شھيد فوجي جوان ساجد راجپوت جو تڏو وڇايو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو