عبدالمجيد بروھي
اڄ پي ڊي ايم جي تمام پارٽين جي سربراھن کي خبر پئجي وئي آھي تـ آصف علي زرداري سياست جو بادشاھ آھي اڄ پوري ملڪ ۾ پي ڊي ايم پاران عمران خان جي حڪومت جي ضمني اليڪشن ۾ ڏاڍ ۽ حڪومتي طاقت ھجڻ باوجود عوام پاران کين مڪمل طور تي رجيڪٽ ڪرڻ مان اھو صاف ظاھر آھي تـ ھاڻي عمران تڪڙ نـ ڪندو ۽ تڪڙ ۾ اھڙا بيان بـ نـ ڏيندو تـ اگر مون کي مائنس ون ڪيوـويو تـ مان سموري سيٽ اپ کي ختم ڪري پوء ويندس ھاڻي کيس سوچڻو پوندو تـ ھاڻي ھن مان نـ صرف ملڪ جو عوام بيزار آھي پر کيس سليڪٽ ڪرڻ وارا پڻ ھن کان بيزار آھن ان جي لاء تڪڙ ۾ نين عام چونڊن جي لاء عمران خان سوچي بـ نـ تـ سندس لاء سٺو آھي ان کان اڳ جڏنھن پي ڊي ايم پاران ضمني اليڪشن سميت سينيٽ اليڪشن جي بائيڪاٽ جو سوچي رھيا ھيا تـ ان وقت مرد سياست جو بادشاھ آصف علي زرداري ميدان تي لٿو ۽ پي ڊي ايم وارن کي چيائين تـ توھان ضمني اليڪشنز ۽ سينيٽ اليڪشنز ۾ بائيڪاٽ ڪري وفاقي حڪومت کي کليل رستو ڏيو پيا جنھن سان ھو سينيٽ ۾ سمورا پنھنجا سينيٽر۽ ضمني اليڪشنز ۾ پنھنجا نا اھل ماڻھون چونڊرائي ويندو جنھن تي پي ڊي ايم جي ڪجھ وڏن کي اعتراض ھيو انھن پ پ پ وارن تي شق ڪرڻ شروع ڪيو پر اڳتي ھلي سڀني پ پ پ وارن جي صلاح سان سينيٽ اليڪشنز ۽ ضمني اليڪشنز ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيائون جنھن بعد جڏنھن سنڌ جي ٽن تڪن ۽ بلوچستان جي ھڪ صوبائي تڪ تي پي ڊي ايم وارا ڪامياب ٿيا تـ ان وقت پي ٽي آء وارن سميت ڪجھ تجزيي نگارن اھو چيو تـ سائين اھو تـ سالن کان ھلندو پيو اچي تـ جنھن صوبي ۾ جھڙي جماعت جي حڪومت ھوندي آھي ضمني چونڊن ۾ انھن جا ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا آھن انجي ڪري سنڌ جي ٽن صوبائي تڪن تي پ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آھن ۽ بلوچستان ڇو تـ قبائلي علائقو آھي اتي وفاق سميت صوبائي حڪومت کان ان صوبي جو عوام جبري گمشدگين ۽ صوبي جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ خلاف اتان جو عوام سندن کان ناراض ھيو ان جي لاء اتي وفاقي حڪومت جا اتحادي ھارائي ويا آھن اصل مقابلو ۽ پي ٽي آء سندس اتحادين جو پاور پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ضمني اليڪشنز ۾ ظاھر ٿيندو انـبعد جڏنھن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اليڪشنز جو ڏھاڙو آيو تـ پوري پنجاب ۾ پي ڊي ايم پاران جن تڪن تي ضمني اليڪشنز ٿيا انھن ۾ سڀني پارٽين ن ليگ واران جي حمايت جو اعلان ڪندي ميدان تي لٿا ان ڀعد پنجاب جي ٻن تڪن ھڪ صوبائي ۽ ھڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ن ليگ جا اميدوار غير سرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا آھن ڪالھ سڄو ڏينھن پي ٽي آء رياستي ڏاڍ جو مظاھرو ڪندي پنجاب جي انھن علائقن جتي ضمني چونڊ ٿي اتي پوليس جي مدد سان فائرنگ ڪندا رھيا ڪيترن پولنگ اسٽيشنز تي جتي ن ليگ ۽ انجي اتحادين جا ووٽر سپورٽر گھڻا ھيا اتي پولنگ دير سان شروع ڪرڻ سميت ن ليگ جي ووٽرن کي پولنگ جي اندر ووٽ ڏيڻ لاء بـ نـ ڇڏيو ويو وفاقي وزير پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪندا رھيا ان باوجود اتي پي ڊي ايم جي ڪاميابي ھڪ تاريخي ڪاميابي آھي ان کان علاوا ڪي پي ڪي جي نوشھرا جي صوبائي تڪ تي پڻ ن ليگ جو اميدوار پي ٽي آء ۽ سندس اتحادين جي اميدوار کي بري شڪست ڏني آھي ياد رھي نوشھرا جو اھو صوبائي تڪ پي ٽي آء جي اھم اڳواڻ اڳوڻي وڏي وزير ڪي پي ڪي ۽ ھاڻوڪي وفاقي وزيردفاع پرويز خٽڪ جو اباڻو تڪ آھي جنھن تي پي ڊي ايم جي اميدوار جي ڪاميابي ھڪ اھم ڪاميابي آھي ھاڻي اھي تجزيي نگار ۽ لفافا وٺڻ وارا اينڪر ڇا چوندا پنجاب ڪي پي ڪي سميت وفاقي حڪومت پڻ پي ٽي آء جي آھي پوء اتي پي ٽي آء ۽ انجا اتحادي ڇو بري طريقي سان ناڪام ٿيا آھن ان جو ڪو جواب آھي اوھان وٽ دراصل اڄ مللڪ جو عوام ھنن ناھل حڪمرانن مان مڪمل طور تي بيزار آھي اڄ جي ضمني اليڪشنز ۾ پي ڊي ايم وارن جي پوري ملڪ مان ڪاميابي مان صاف ظاھر آھي تي سينيٽ اليڪشنز ۾ پڻ وفاقي حڪومت وارا ھارائي سگھن ٿا ان جي لاء پ پ پ جي ڪوـچيئرمين پاران اسلام آباد ۾ ڪئمپ قائم ڪري چونڊ مھم جي پاڻ نگراني ڪري رھيو آھي . Brohimajeed123@gmail.com










