پي ٽي ايم تي پابندي آهي، سرگرمين جي اجازت نه ڏينداسين، نقوي

پي ٽي ايم تي پابندي آهي، سرگرمين جي اجازت نه ڏينداسين، نقوي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشتون تحفظ موومينٽ يعني ’پي ٽي ايم‘ جي جرڳي تي پابندي جي حمايت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪا به سياسي جماعت يا فرد پي ٽي ايم سان رابطو يا تعاون ڪندو ان تي به پابنديون لڳنديون. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪي پي حڪومت پي ٽي ايم تي دهشتگردي ٽوڙ قانون هيٺ پابندي مڙهيندي سندسن 54 اڳواڻن جا نالا فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيا آهن. جنهن جو مطلب سندن ملڪيت، بئنڪ اڪائونٽ ضبظ ٿيندا، پرڏيهي سفر تي پابندي هوندي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اجازت وٺڻ لازم هوندو. پي ٽي ايم 11 آڪٽوبر کان ٽن ڏينهن وارو قومي جرڳو خيبر ضلعي ۾ گهرايو آهي ۽ سڀني جماعتن کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي. اڪثر سياسي ۽ مذهبي جماعتن پي ٽي ايم جي جرڳي جي حمايت ڪندي شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. جرڳي کان چند ڏينهن اڳ پي ٽي ايم تي پابندي مڙهڻ ۽ آفيسون سيل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت جي اهڙي قدم تي پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن ڳڻتي ظاهر ڪندي چر پر تي پابندي جي مذمت ڪئي آهي. پي ٽي ايم جو چوڻ آهي ته جرڳي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن تي سيڪورٽي ادارن اربع تي سڌي فائرنگ ڪئي جنهن سبب 3 ڪارڪن مارجي ويا آهن. عوامي نيشنل پارٽي جي ايم پي اي نثار باز اسمبلي ۾ هٿين خالي ڪارڪنن تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پي ٽي ايم تي پابندي غير آئيني آهي. محسن نقوي چيو ته حقن جي ڳالهه ڪندڙ هر ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ان جي اوٽ ۾ سيڪورٽي فوترسز جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۽ قوم کي ورهائڻ ۽ نفاق پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پي ٽي ايم جا ويديوز پرڏيهي ڪمپنيون ٺاهي رهيون آهن هنن جي پرڏيهه مان فنڊنگ ٿي رهي آهي ۽ ان جا ثبوت جلد پيش ڪيا ويندا. هن چيو ته جرڳي ۾ قبائلي عمائدين شرڪت ڪندا آهن پر پي ٽي ايم هزارين هٿياربند گڏ پئي ڪري انهن جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي. هن چيو ته رياست ۽ ان جي ادارن کي چيلينج ڪندڙن سان سختي سان پيش اينداسين. ٻئي پاسي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عتيق شاهه ۽ صاحبزاده اسدالله شاهه تي ٻڌل بينچ پي تي ايم جي جرڳي کي غير قانوني قرار ڏئي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته تڪراري جاءِ تي جرڳو منعقد ڪرڻ کان کين روڪيو وڃي. هوڏانهن جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خيبر ۽ وزيرستان م قبائلين تي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته مظاهرين سان ڳالهيون ڪريو، گوليون وسائڻ ۽ تشدد سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته تحريڪون دٻائڻ سان دٻبيون نه آهن پر وڌيڪ زور پڪڙينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو