پي ٽي آئي چيئرمين سان سي ڪلاس وارو سلوڪ ڇو پيو ٿي؟ علي اعجاز

پي ٽي آئي چيئرمين سان سي ڪلاس وارو سلوڪ ڇو پيو ٿي؟ علي اعجاز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي وڪيل علي اعجاز بٽ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم سان سي ڪلاس وارو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وڪيل علي اعجاز چيو ته ماضي ۾ ٻين سياستدانن کي عدالتن مان رليف ڏنو ويو، ٻين سياستدانن کي بهتر سهولتن سان گڏ جيلن ۾ رکيو ويو.علي اعجاز جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين به اڳوڻو وزيراعظم آهي، کيس جيل ۾ قانون موجب سهولتون ڏنيون وڃن.هن چيو ته نواز شريف جو ذاتي ڊاڪٽر هر هفتي جيل جو دورو ڪندو آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين ڊاڪٽر فيصل سلطان کي به اجازت وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو