لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ۽ ق ليگ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل اظهر صديق چيو ته حمزه شهباز جي حلف برداري جي درخواست تي فيصلي جي خلاف اپيل تيار ڪري ورتي آهي ۽ معاملي جي سنگيني کي ڏسندي اپيل رات جو 12 وڳي کان اڳ داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي خلاف آهي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ طرفان حلف برداري جو مدو مقرر ڪرڻ صدر ۽ گورنر جي عهدي جي توهين آهي. وڪيل اظهر صديق چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ وٽ گورنر ۽ صدر خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي جو اختيار ناهي. جڏهن ته آئين جو آرٽيڪل 248 صدر ۽ گورنر کي مڪمل تحفظ ڏئي ٿو. ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کان سڀاڻي تائين حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.










