اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سمورا ناڪام سياستدان بلاول ڀٽو جي سياست کان ڊنل آهن.شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان به بلاول ڀٽو جي عوامي مارچ کان به ايترو ئي پريشان هو جيترو هاڻ ان جي لنڊن جي دوري سان آهي. هن چيو ته نوجوان سياستدانن بي اعتمادي رٿ جي قيادت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو ملڪ جي سياست جو مرڪز آهن. مخالفن وٽ جڏهن سياسي جواب ناهي هوندو ته اهي ذاتيات تي لهي ايندا آهن.شيري رحمان چيو ته هنن جي بدزباني ۽ بدتميزي سان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي نوجوان اڳواڻ هنن جي سياسي دڪان بند ڪري ڇڏي آهي هاڻ بدتهذيبي ۽ گارين جي نه پارليامينٽ، آئين ۽ جمهوريت جي سياست ٿيندي.










