پي ٽي آئي جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست واپس

پي ٽي آئي جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست واپس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض ۾ چيو آهي ته درخواستگذار سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ڪنهن به فورم سان رابطو نه ڪيو. صدر عارف علوي کي آرٽيڪل 248 موجب درخواست ۾ ڌر نٿو بڻائي سگهجي.درخواست ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي. ان کان علاوه درخواست ۾ آرٽيڪل 3/184 جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو