پي ٽي آءِ پاران 15 آڪٽوبر تي احتجاج، سياسي دهشتگردي قرار

پي ٽي آءِ پاران 15 آڪٽوبر تي احتجاج، سياسي دهشتگردي قرار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته 15 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي پي ٽي آءِ پاران ڊي چوڪ تي احتجاج جي اعلان کي ”سياسي دهشتگردي“ قرار ڏيندي احتجاج جي سخت مذمت ڪئي آهي. اهرو اظهار هن ڇنڇر تي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ۽ چيو ته احتجاج جو مقصد ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي روڪڻ آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ پي ٽي آءِ پنجاب ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو هو پر اوچتو پنجاب ۾ احتجاج ملتوي ڪري پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ڊي چوڪ تي گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻن عمران خان سان ملاقات جو مطالبو ڪيو پر حڪومت اڳ ۾ ئي ڪانفرنس جي سيڪورٽي سبب 18 جولاءِ تائين ادياله جيل جي قيدين جي ملاقات تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. احسن اقبال چيو ته عمران خان جي 4 سالن جي دور ۾ ٿيل معاشي تباهي جي بحالي جڏهن شروع ٿي آهي ته هنن کي تڪليف ٿي رهي آهي. يورپ ۽ ايشيا جي 9 اهم ملڪن جا سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اچن پيا ۽ ان موقعي تي احتجاج جو اعلان ڪرڻ سياسي دهتشتگردي آهي، جنهن کي هر قيمت تي ڀرپور قوت سان روڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي دني ڳوڙا گيس جي شيلنگ ۽ مار ڪٽائي جو تماشو ڏسي ۽ پاڪستان جو مثبت چهرو مسخ ڪيو وڃي. هن چيو ته 2014 ۾ عمراني ڌرڻي سبب چين جي صدر دورو ملتوي ڪيو هو ۽ هاڻي 11 سالن بعد چين جو وزيراعظم اچي رهيو آهي ۽ ان موقعي تي فسادين پاران احتجاج ڪرڻ جي اعلان جو مقصد سيپيڪ کي تباهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته عمراني دور ۾ سيپيڪ رٿائن تي عمل روڪيو ويو، ڪرپشن جا ڪوڙا الزام هڻي دوست ملڪ کي ناراض ڪيو ويو. هن چيو ته اسين وڏي مشڪل سان سيپيڪ جو ٻيو مرحلو تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ چين کي راضي ڪيو آهي، جنهن ۾ صنعتون لڳنديون، روزگار جا موقعا نڪرندا ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ ٻئي مرحلي جو حصو آهي جنهن جي افتتاح لاءِ چين جو وزيراعظم اچي پيو. هن چيو ته مان امجهان ٿو ته ڪراچي ۾ چينين تي حملو دهشتگردي آهي ۽ ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ سياسي دهشتگردي آهي ۽ ٻنهي واقعن ۾ ڪو فرق ناهي. هن پي ٽي آءِ جي سنجيده اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو هن فتني مان جان ڇڏائين ۽ احتجاج کان لاتعلقي ظاهر ڪن. ياد رهي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ عالمي ايونٽ جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي احتجاج واري اعلان تي پارٽي اڳواڻ ڪنفيوز آهن. علي محمد خان ان کي نا مناسب قرار ڏنو هو. ڪيترائي اڳواڻ ان بابت تبصري کان پرهيز ڪن ٿا ۽ هن مهل تائين رڳو شيخ وقاص ۽ عمر ايوب ان جي حق ۾ بيان سامهون آيا آهن. شيخ وقاص اڪرم اي آر وائي سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي صحت بابت عجيب خبرون ملن پيون، اسانجي خان سان 14 آڪٽوبر تائين ملاقات نه ٿي ته اسين 15 تي احتجاج ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو