اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اڄ پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت جي اجلاس ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي غور ڪيو ويندو.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي استعيفيٰ جي تاريخ تي به غور ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته انهن فيصلن سان پاڪستان جي اسيمبلين ۾ 64 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي وينديون، ٻن اسيمبلين مان استعيفائون ۽ ٻن جي ٽوڙڻ سان عام چونڊن جي راهه هموار ٿيندي. فواد چوڌري مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ ڪشمير، بلوچستان، پنجاب، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام جي دل جي آواز آهي.










