اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هڻي اطلاعات واري سيڪريٽري رئوف حسن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.ڊان نيوز موجب بيرسٽر گوهر ۽ اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن سيڪريٽريٽ ۾ موجود هئا، تحريڪ انصاف سيڪريٽريٽ ٻاهران عورت پوليس به موجود آهي.پوليس جي وڏي نفري سيڪريٽريٽ جو گهيرو ڪري پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.پي ٽي آءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وڊيو شيئر ڪندي الزام لڳايو ته اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ کي نشانو بڻائڻ ۾ مصروف آهي.










