پي ٽي آءِ سياسي پارٽي ناهي رهي، انتهاپسند تنظيم بڻجي چڪي

پي ٽي آءِ سياسي پارٽي ناهي رهي، انتهاپسند تنظيم بڻجي چڪي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف کي خبردار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ وٽ آخري موقعو آهي ته هو فيصلو ڪري ته اها سياسي پارٽي رهڻ چاهي ٿي يا نه؟ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ هاڻي سياسي پارٽي ناهي رهي، انتهاپسند تنظيم بڻجي چڪي آهي. پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن هر اداري تي حملا ڪيا آهن.هن چيو ته جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس لاهور تي حملو ڪيو ويو. پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان کي ساڙيو ويو. پهريون ڀيرو ڏٺو ويو آهي ته ڪور ڪمانڊر جي گهر کي ٽوڙيو ويو.بلاول ڀٽو چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) عمران خان لاءِ قانونن ۾ ترميمون آڻي رهيو آهي، عمران خان کي ان وقت اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. نيب ترميم مان عمران خان فائدو وٺي رهيو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف زرداري پاڪستان ٺهي جو نعرو لڳايو.هن چيو ته عمران خان ان وقت خوش ٿيو جڏهن سندس ڌيءَ نواز شريف جي سامهون پيش ٿي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو. فريال ٽالپر اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جنهن کي چند رات گرفتار ڪيو ويو.پ پ چيئرمين چيو ته فريال ٽالپر کي رات جي اونداهي ۾ اسپتال مان گرفتار ڪري اسپتال جي ايم ايس کي تبديل ڪيو ويو.هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ ننڍا ننڍا ڪم ڪيا. مخالفن کي گرفتار ڪري عمران خان خوش ٿي ويو.بلاول ڀٽو چيو ته ڀارتي ڪاررواين کانپوءِ وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ۾ سوال ڪيو ته ڇا ڪجي؟ عمران خان جي گرفتاري بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ کي به عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو.پنهنجي تقرير جاري رکندي هن چيو ته مڃيو ته عمران خان جي گرفتاري جي جاءِ درست نه هئي پر گرفتاري صحيح هئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري تي رد عمل ظاهر ڪندي دهشتگرد تنظيم بڻجي چڪي آهي.پ پ چيئرمين چيو ته جوابدار عمران خان قانون جو پسنديده ٻار بڻجي ويو آهي، عمران خان کي عدالتن خاص رليف ڏنو.هن چيو ته اسان اصولي طور تي ڪنهن به اليڪشن جي خلاف نه آهيون. اسان ننڍي چونڊ ۾ عمران خان کي شڪست ڏني آهي.هن وڌيڪ چيو ته عدليه عمران خان کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته ان سازش جو ڪيئن مقابلو ڪيو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت کي بچائينداسين ۽ هن فتني جو بندوبست ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو