رينجرز ڊي چوڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، پي ٽي آءِ پسپائي تي مجبور

رينجرز ڊي چوڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، پي ٽي آءِ پسپائي تي مجبور

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان رينجرز ۽ پوليس ٻيهر ڊي چوڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، سخت شيلنگ ۽ پٿراءَ بعد پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. چائنا چوڪ ۽ ڊي چوڪ جي وڄ واري علائقي م چڪريون ۽ جهڙپون جاري آهن. بشرا بيبي، علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪلثوم پلازا جي آس پاس موجود آهن، پي ٽي آءِ ڪارڪن ٻنهي اڳواڻن کي ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن پر هو چائنا چوڪ کان به اڃا پوئتي هليا ويا آهن. علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڊي چوڪ وٽ ريڊ لائين ڪراس ناهي ڪرڻي جيسين خان جو حڪم نه ملي اڳتي ناهي وڃڻو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته بيريسٽر سيف جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو آهي جيڪو خان جي بشرا سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائيندو ۽ اڳواٽ طئي ڪيل پروگرام موجب سنگجاڻي وٽ ڌرڻو هنيو ويندو. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قيادت نئين پيش رفت جا منتظر آهن. ٻئي پاسي آءِ جي اسلام آباد اعلان ڪيو آهي ته اڄ هر حال ۾ وڳوڙين ۽ شرپسندن کان شهر خالي ڪرايو ويندو. ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ سڀ رڪاوٽون ٽوڙي، سخت شيلنگ جي باوجود ڊي چوڪ جي ريڊ لائين تي پهچي ويو، ريڊ لائين تي رکيل ڪنٽينرز تي چڙهي ڊيوٽي تي موجود فوجي اهلڪارن سان ڀاڪر پائي وڪٽري جا نشان ٺاهي فوٽو ڪڍرائيندا رهيا. فوجي کين ڀاڪر پائي ڪنٽينرز تان هيٺ لهڻ لاءِ چوندا رهيا.

Screengrab

اڳ ۾ پوليس جي سخت مزاحمت ۽ شيلنگ بعد ڪارڪن ڪنهن وقت اڳتي اچن پيا ته ڪنهن مهل پوئتي وڃي وري اڳتي وڌندا رهيا. حڪومت پاران ڊي چوڪ پهچندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا سچ ثابت نه ٿي، پوليس، رينجرز ۽ ايف سي پسپائي تي مجبور ٿي ويا. ان کان اڳ پوليس جي هوائي فائرنگ، ڳوڙها گيس جي شيلنگ ۽ غليلن سان پٿرن جو وسڪارو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ سخت چڪريون جاري آهن. پي ٽي آءِ وارا ڪارڪن اڳتي اچن ٿا وري پوليس جي شيلنگ بعد پوئتي هليا ٿا وڃن. بشرا بي بي جو ڪنٽينر زيرو پوائنٽ کان فيصل اوينيو وٺي سينچورين شاپنگ مال واري چوڪ کان ڪينٽينر هٽائي جناح اوينيو تي اچي ويو ۽ چائنا چوڪ لڳ شهيد ملت سيڪريٽريٽ تي پهتو آهي. پي ٽي آءِ جا ايڊوانس دستا ان کان اڳتي آهن جيڪي چائنا چوڪ ۽ ڊي چوڪ جي وچ واري ٽڪري ۾ پوليس سان آمهون سامهون آهن.

ڊي چوڪ جي ويجهو پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون جاري آهن، فوٽو سنڌيار

پوليس سان گڏ رينجرز به موجود آهي. ڊي چوڪ تي جناح اوينيو واري پاسي ڪنٽينرز اڳيان رينجرز ۽ پارليا مينٽ واري پاسي ڏانهن فوجي جوان بيٺل آهن. هن وقت بيلا روس جو وزيراعظمم وڏي وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ آهي. فوج هتان ڪنهن کي به اڳتي وڌڻ نه ڏيندي ۽ کين ڊي چوڪ جا ڪنٽينر هٽائڻ وارن تي گولي هلائڻ جو حڪم آهي. نامعلوم ماڻهو وڏن شاپرن ۾ ٻٽون ٻڌي برياني جا پيڪٽ مظاهرين ۾ ورهائي رهيا آهن.

ڪجهه ماڻهو موٽر سائيڪل تي برياني جا پيڪٽ آڻي مظاهرين ۾ ورهائي رهيا آهن. فوٽو سنڌيار

وفاق گادي واورو شهر ميدان جنگ بڻيل آهي، پوليس ڪنهن مهل هوائي فائرنگ پئي ڪري، ڪنهن مهل شيلنگ ته ڪنهن مهل غليلن سان مطاهرين کي نشانو بنائي پوئٽي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ ۽ پوليس وارا هڪٻئي کي غليلن سان به نشانو بڻائي رهيا آهن، فوٽو سنڌيار

ان کان اڳ بشرا بي بي جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جو قافلو رڪاوٽون ٽوڙي زيرو پوائنٽ پهچي ويو آهي جتي ڪارڪنن ۽ سيڪورٽي فورسز ۾ جهڙپون جاري آهن. پي ٽي آءِ جو قافلو ڊي چوڪ پهچڻ لاءِ بضد آهي. پي ٽي آءِ جو هڪ ٻيو گروپ ارباب عاصم جي قيادت ۾ فيصل اوينيو تي موجود آهي جيڪو پڻ ڊي چوڪ کان چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ڊي چوڪ ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس ڪنٽينر رکي رود بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. ريڊ زون ۾ فوج گشت ڪري رهي آهي. گهرو کاتي جي وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي قيادت ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي پر هو جيڪو معاملو طئي ڪن ٿا، اهو پي ٽي آءِ جي ڳجهي قيادت (بشرا بي بي) قبول نٿي ڪري. هن چيو ته 4 رينجرز ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 100 کان مٿي اهلڪار زخمي آهن. گولي جو جواب گولي سان ڏين آسان آهي پر اسين لاش ڪيرائڻ نٿا چاهيون. هن چيو ته ڊي چوڪ تي جيڪو ايندو اهو واپس نه ويندو. بيلا روس جو 70 رڪني وفد ريد زون ۾ موجود آهي جتي ڪنهن کي به داخل ٿين جي اجاز ناهي، اسين پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز کي ريڊ زون ۾ اچڻ کان روڪن لاءِ فري هينڊ ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو