ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پي ٽي آءِ جي زوال جو سبب عمران خان پاران لڳايل غلط فيصلن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان رڳو پنهنجي غلط انا کي ترجيح ڏني، پارٽي جي ميمبرن کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جي خودغرضي، تڪبر ۽ غيرسياسي رويو هنن ماڻهن کي پارٽيءَ کان پري ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته ماڻهن کي زبردستي پي ٽي آءِ مان ڪڍيو پيو وڃي، جڏهن ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا اهي ڪنهن نظريي جي بنياد تي آيا؟ يا انهن کي آندو ويو؟ ان جي وضاحت ڪندي هن چيو ته ان وقت انهن ماڻهن کي سندن مرضيءَ خلاف پارٽي جو حصو بڻايو ويو هو. پي ٽي آءِ جو نه ڪو نظريو هو ۽ نه ئي اهي ماڻهو نظرياتي هئا. ناصر شاهه چيو ته اسيمبلين کي ٽوڙڻ يا قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ، شيخ رشيد کي گهرو وزير بڻائڻ يا پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ، اهي سڀ فيصلا عمران خان پاران ٿوپيا ويا . هن چيو ته عمران خان پاڻ گهر کان ٻاهر نه ٿو نڪري ۽ چاهي ٿو ته سندس اڳوڻا وزير ٽي ٽي پي جي طرز جي سيڪيورٽي ادارن تي حملا ڪن. فواد چوڌري، شيرين مزاري، فياض چوهاڻ، محمود مولوي، افتخار گيلاني ۽ ٻيا پڙهيل لکيل ماڻهو اڳي ئي پي ٽي آءِ کان مايوس ٿي چڪا هئا ۽ هاڻي پي ٽي آءِ پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن وڃي رهي آهي. هن چيو ته عمران نيازي ملڪ جي سياست کي جيڪو نقصان پهچايو آهي اهو واضح آهي ته عمران نيازي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، ملڪ جي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ هن پروپيگنڊا کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي.










