پي ٽي آءِ جي باني جي جيل ٽرائل روڪڻ لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

پي ٽي آءِ جي باني جي جيل ٽرائل روڪڻ لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي روڪڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 29 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي وڌيڪ دستاويز پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان کان علاوه لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني جي 7 ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.لاهڳور هاءِ ڪورٽ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ گرفتاري سبب ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿي سگهيو، ٽرائل ڪورٽ حقيقتن جو صحيح جائزو نه ورتو، ان ڪري پي ٽي آءِ جي باني جون ضمانتون خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو