اسلام آباد)بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ترجمان پي ٽي آءِ ميمبرن کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ جي استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئيني ماهرن سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ته تحريڪ انصاف جا استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي فيصلي بابت ڪو به فيصلو نه ڏنو.ترجمان موجب استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبر هاڻي قومي اسيمبلي جا ميمبر نه رهيا آهن ۽ ڪنهن به استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبر کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ڇاڪاڻ ته قومي اسيمبلي جي ضابطن موجب ڪو به اجنبي ماڻهو ايوان ۾ داخل نٿو ٿي سگهي.










