پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي بحالي وارو فيصلو معطل

پي ٽي آءِ ايم اين ايز جي بحالي وارو فيصلو معطل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي بحالي وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سيڪريٽري قومي اسيمبلي طاهر حسين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي آهي.اپيل ۾ فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي سميت 61 استعيفيٰ ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن کي ڌر بڻايو ويو آهي، اپيل ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي به ڌر بڻايو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جي 123 ميمبرن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن کي 28 مئي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منظور ڪري ورتو. 11 ميمبرن جون صحيحون استعيفائون، 17 جنوري تي پي ٽي آءِ جي باقي ميمبرن جون استعيفائون به منظور ڪيون ويون.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ 19 مئي تي ميمبرن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو قانون جي ابتڙ ڏنو، عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي. لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي قومي اسيمبلي جي بحالي بابت فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي 21 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو