اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پارٽي ادارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي.ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته بند ڪمرن ۾ فيصلن جو وقت گذري ويو آهي، پي ٽي آءِ ادارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي.هن چيو ته ادارن سان سٺا لاڳاپا هوندا ته ملڪ مضبوط ٿيندو، اميد آهي ته معاملو لانگ مارچ تائين نه پهچندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ زندگي جا رستا ٺاهي، مان سمجهان ٿو ته پ پ ۾ شامل سموريون پارٽيون هاڻي حڪومت کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون.










