پي ٽي آءِ احتجاج،ايف سي ۽ رينجرز جا 9 هزار اهلڪار طلب

پي ٽي آءِ احتجاج،ايف سي ۽ رينجرز جا 9 هزار اهلڪار طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت تحريڪ انصاف جي 24 نومبر جي اسلام آباد مارچ جي سڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ ممڪنه ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي راڄڌاني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس 22 نومبر کان 9 هزار رينجرز ۽ ايف سي اهلڪارن کي طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پوليس اختيارين کان اينٽي رائيٽس ڪٽس به طلب ڪيون ويون آهن.اسلام آباد ۾ 2 مهينن لاءِ قلم 144 پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تحت هر قسم جي عوامي ميڙ، جلوس، ريلي ۽ 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي مظاهرن تي پابندي هوندي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ به احتجاج جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ پارٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ 10 هزار ڪارڪن اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پهچي چڪا آهن.ذريعن موجب پي ٽي آءِ پنهنجي باني کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اسان جو مينڊيٽ واپس اچڻو آهي، جڏهن ته مطالبن جي مڃتا تائين واپس نه وڃڻ جو به اعلان ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو