پي سي بي جي اجازت کان بغير ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي پابندي

پي سي بي جي اجازت کان بغير ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي پابندي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پي سي بي معياري ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي حوالي سان فيصلو ڪيو آهي ۽ اجازت کانسواءِ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب، ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ لاءِ پي سي بي کان اجازت گهربل هوندي، ۽ اجازت کانسواءِ منعقد ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ کيڏندڙ رانديگرن تي پابندي هوندي.ذريعن وڌيڪ چيو ته پي سي بي انڊر 23 ڪرڪيٽ ٽيمون ٺاهڻ لاءِ کاتن کي خط لکيو آهي، ۽ قومي سطح تي ڊپارٽمينٽل انڊر 23 ٽورنامينٽ منعقد ڪيا ويندا.فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ڪمرشل ڪرڪيٽ لاءِ پي سي بي ۽ آر سي اي سي کان اجازت گهربل هوندي، ۽ رانديگرن سان گڏ امپائر ۽ اسڪوررز تي به پابندي لڳائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو