پي ايس ايڪس ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 1900 پوائنٽن جي واڌ

پي ايس ايڪس ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 1900 پوائنٽن جي واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وچ اوڀر ۾ جنگ بندي کان پوءِ، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به واپار دوران زبردست ريلي نظر اچي رهي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ واپاري هفتي جي آخري ڏينهن تي ريلي نظر اچي رهي آهي ۽ واپار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 1932 پوائنٽس جو اضافو ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1.17 سيڪڙو جي واڌ سان 167,449 پوائنٽس جي سطح تي آهي.ٻئي طرف، ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ هڪ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.جاپان، ڪوريا ۽ انڊونيشيا جا بينچ مارڪ اسٽاڪ انڊيڪس 2.2 سيڪڙو مثبت آهن، جڏهن ته هندستان ۽ ويٽنام جا اسٽاڪ انڊيڪس هڪ هڪ سيڪڙو مثبت آهن.ان کان علاوه، شنگھائي ۽ هانگ ڪانگ جا انڊيڪس هڪ سيڪڙو کان گهٽ مثبت آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو