ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ منفي رجحان رهيو.هينڊريڊ انڊيڪس 451 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41698 تي بند ٿيو ۽ ڪاروباري هفتي دوران هينڊريڊ انڊيڪس 953 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو جڏهن ته انڊيڪس هفتي جي بلند ترين سطح 42248 تي بيٺو.هينڊريڊ انڊيڪس 41,295 جي هفتيوار گھٽتائي تي پهچي ويو ۽ مارڪيٽ هفتي ۾ 89 ڪروڙ حصص جو واپار ڪيو.شيئر مارڪيٽ جو هفتيوار ڪاروبار 20.65 ارب رپيا رهيو جڏهن ته مارڪيٽ سرمائيداري 86 ارب رپين جي گهٽتائي سان 6640 ارب رپيا ٿي وئي.










