پي ايس ايل 2020 جي ميڊيا پارٽنر سان معاهدو ختم

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ يعني پي سي بي معاهدي جي سنگين خلاف ورزي تي پاڪستان سپر ليگ 2020 جي انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس پارٽنر سان معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي  جي 2019 کان 2021 تائين ميڊيا رائيٽس ٽيڪ فرنٽ انٽرنيشنل ايف ايڊ اِي کي ڏنا هئا پر بقايائن جي ادائيگي سميت ٻين معاملن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي هاڻ معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي. پي ايس ايل جي پراجيڪٽ ايگزيڪيوٽو شعيب نويد چيو آهي ته پي سي بي هڪ پيشواراڻو ادارو آهي جيڪو شفافيت سان ڪم ڪري ٿو، ڪيترائي ڀيرا ياد ڪرائڻ باجود پارٽنر پنهنجون ذميوارين ۽ معاهدن جي پاسداري ڪرڻ ۾ ناڪام ويو جنهن سبب پي سي بي وٽ معاهدو ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو. پي ايس ايل معاهدي کي هن وقت ختم ڪرڻ ان ڪري به ضروري آهي ڇو ته پي ايس ايل جي ايندڙ ايونٽ لاءِ ضروري آهي  ته پي ايس ايل جي ايندڙ پارٽرنر کي ڳولڻ لاءِ مناسب وقت ملي سگهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو