پيچوهو 50 بسترن واري جديد ٽراما سينٽر جو افتتاح  ڪري ڇڏيو

پيچوهو 50 بسترن واري جديد ٽراما سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سکر (ن س) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جو دورو ڪندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما جي انتظام هيٺ قائم ڪيل 50 بسترن تي مشتمل جديد ٽراما اينڊ ايمرجنسي ريسپانس سينٽر (T&ERC) جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري انسدادِ پوليو بوسٽر ڊوز مهم جو پڻ افتتاح ڪيو.افتتاحي تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي، ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر صالح چنا، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر علي گل شاهه، صحت کاتي جي اعليٰ آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افتتاح کان پوءِ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٽراما اينڊ ايمرجنسي ريسپانس سينٽر جي مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو. هن ايڪسري يونٽ، مائنر آپريشن ٿيٽر، ايمرجنسي وارڊن، آبزرويشن بيز ۽ ٻين جديد طبي سهولتن جو جائزو وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مريضن کي هر حال ۾ بروقت، معياري ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته سکر ۾ جديد ايمرجنسي ٽراما سينٽر جو قيام اپر سنڌ جي عوام لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته هن وقت سينٽر ۾ 50 بستر موجود آهن، جڏهن ته مستقبل ۾ ضرورت موجب انهن جو انگ وڌيڪ وڌايو ويندو، جيئن حادثن ۽ هنگامي حالتن ۾ مريضن کي فوري ۽ معياري علاج جون سهولتون مهيا ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي کي جديد بڻائڻ، سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ايمرجنسي خدمتن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان عوام کي پنهنجي علائقي ۾ ئي معياري علاج جون سهولتون دستياب ٿينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو