ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي آزاد ڄمو ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي نتيجن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. هن مسلم ليگ (ن) تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه عوامي ووٽ جي طاقت تي يقين رکي ٿي، جڏهن ته ن ليگ جو ڀروسو عوام جي راءِ بدران ڪنهن ٻي شئي تي هوندو آهي.شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي تڪن ۾ چونڊن دوران خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ڪيو ويو، ته جيئن عوام کي هراسان ڪري هڪ مخصوص تاثر قائم ڪري سگهجي ته ن ليگ کي عوامي مينڊيٽ ملي ويو آهي. هن الزام لڳايو ته سرڪاري مشينري ۽ طاقت جي زور تي چونڊ نتيجن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.










