دادو(ادل مهيسر) پيپلز يوٿ ضلعي دادو پاران پوليس جي زيادتين خلاف يونس پنھور، نور محمد پنھو، مير صدام ٻلھڙ، پرويز علي پنھور، مرتضيٰ لغاري، ظھير سومرو،گل احمد پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يوٿ آفيس کان ريلوي ڦاٽڪ دادو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻي ويهي رهيا. جڏھن ته ريلوي ڦاٽڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڦاٽڪ بند ڪيو ويو فاٽڪ بند هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھي ويون. مظاهرين دانهيندي چيو ته دادو پوليس بنا جواز شهرين کي گرفتارڪري کين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي جنهن کي جلد کان جلد هٽائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جڏھن ته ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي کان ڪوٽڙي ويندڙ موهن جو دڙو ٽرين کي فاٽڪ کان پوئتي روڪيو ويو جنھن بعد پيپلز پارٽي ضلعي دادو جي سينئر نائب صدر غلام شبير ابڙو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڳالھيون ڪيون جنھن کانپوءِ ٻن ڏينھن جي مھلت تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.










