پيٽرول ۽  ڊيزل 26، 26 رپيا مهانگو ٿي ويو

پيٽرول ۽ ڊيزل 26، 26 رپيا مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ 26.77 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 26.77 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ به 26.77 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.پيٽروليم ڊويزن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 393.35 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 380.19 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو