پيٽرول ۽ ڊيرل جي موجوده قيمت ۾ شامل ٽيڪس جا تفصيل پڌرا

پيٽرول ۽ ڊيرل جي موجوده قيمت ۾ شامل ٽيڪس جا تفصيل پڌرا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي موجوده قيمت ۾ ٽيڪسن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. رپورٽ موجب پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 29 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهي. هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 88 روپيه 7 پئسا ٽيڪس شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 19 روپيه 32 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 66 روپيه 25 پئسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 روپيه 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب هڪ ليٽر ڊيزل قيمت ۾ به 29 سيڪڙو ٽيڪسز شامل آهن، في ليٽر ڊيزل قيمت ۾ 90 روپيه 15 پئسن جا ٽيڪسز لاڳو آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 15 روپيه 68 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 72 روپيه 97 پئسا ليوي ۽ 2 روپيه 50 پئسا ڪلائمٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.حڪومت 2 ڏينهن اڳ پيٽرول 74 روپيه 29 پئسا ۽ ڊيزل 67 روپيه 31 پئسا في ليٽر جي گهٽتائي ڪئي هئي. پيٽرول جي نئين قيمت 299 روپيه 50 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 311 روپيه 47 پئسا في ليٽر ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو