اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن خدشا ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ سموري ملڪ جا هزارين پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايسوسيئيشن پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ سان فوري ملاقات لاءِ خط اماڻي ڇڏيو آهي، 6 مارچ تي به خط اماڻيو ويو هو پر انهي جو اڃان تائين ڪوبه جواب نه مليو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم سيڪٽر کي آپريشنز، مالي مشڪلات، قيمتن ۽ اوچتو پاليسي تبديلين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومت پاليسي سازي ۾ صنعت جي اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪري، سموري ملڪ جي 14 کان 15 هزار پيٽرول پمپ مالڪن کي پيش ايندڙ مسئلا فوري طور تي ڌيان طلب آهن.ايسوسيئيشن طرفان لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مطالبا نه مڃيا ويا ته سموري ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين، پيٽرول پمپ بند ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ ٻارڻ جي تيل جو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، امڪاڻي بحران جي ذميواري پيٽروليم واري وزارت تي لاڳو ٿيندي.










