ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پيتڙوليم واري وزير علي پرويز ملڪ سان ڳالهين بعد پيٽرول پمپ مالڪن جي تنظيم اڄ کان هڙتال جو سڏ ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن پنهنجا مطالبا منظور نه ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي اڄ رات 12 بجي کان ملڪ جا سمورا پيٽرول پمپ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايسوسيئيشن موجب، وفاقي وزير پيٽروليم سان ٿيل ڳالهيون ڪنهن به مثبت نتيجي تي ناهن پهچي سگهيون. مارجن ۾ واڌ ۽ روزاني جي بنياد تي قيمتون لاڳو ڪرڻ سميت اهم مطالبن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب ڳالهيون ناڪام ٿيون. آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين هڙتال جاري رهندي. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن اڄ اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي ۽ حڪومت اڳيان 3 مطالبا رکيا آهن. مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته پرافٽ مارجن 8 رپيا 64 پيسن مان وڌائي 24 رپيا ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ آئيل ڪمپنين پاران پيٽروليم ڊيلرز لاءِ لاڳو ڪيل ڪوٽا سسٽم ختم ڪيو وڃي ۽ پيٽروليم شين جون قيمتون هفتيوار يا 15 ڏينهن کانپوءِ تبديل ڪيون وڃن. وفاقي وزير پيٽروليم ۽ چيئرمين اوگرا ٽنهي مطالبن تي 7 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي آهي.










