پيٽرول جي قيمت برقرار، ڊيزل 7 روپيا في لٽر اڄ کان مهانگو

پيٽرول جي قيمت برقرار، ڊيزل 7 روپيا في لٽر اڄ کان مهانگو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊاراعلان ڪيو آهي ته پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين پيٽرول جا اگهه ساڳيا رهندا جڏهن ته ڊيزل جي في لٽر قيمت 7 روپيا وڌائي وڃي ٿي. ٻئي پاسي پيٽرول تي 5 رپيا في ليٽر پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي. پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب اڄ کان پيٽرول تي ڊيولپمينٽ ليوي 50 رپين بدران 55 رپيا ورتي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ڊولپمينٽ ليوي ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي.پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 50 رپيا في ليٽر وصول ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو