پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 32 رپيا في ليٽر واڌ ڪري عوام تي مهانگائي بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو امڪان سڀاڻي خميس 16 فيبروري کان آهي.پيٽروليم ليوي ڊيزل تي به 10 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح مجموعي طور تي 50 رپيا في ليٽر اضافو ٿيندو. ان جو وڏو سبب ڊالر جي مٽا سٽا جي شرح ۾ بي قابو اضافو آهي، جيڪا 272 روپيا ٿي وئي آهي. لاڳاپيل اختيارين ۽ انڊسٽريل ذريعن موجب پيٽرول جو اگهه 12.8 سيڪڙو واڌ سان 281.87 رپيا ۽ ڊيزل 12.8 سيڪڙو واڌ سان 262.8 رپيا في ليٽر 295.64 رپيا ٿي ويو آهي.گاسيءَ جو تيل 217.88 رپيا في ليٽر، لائيٽ ڊيزل 196.90 رپيا في ليٽر هوندو. اهي قيمتون ٽيڪس جي مقدار تي ٻڌل آهن. ڊيزل تي 40 رپيا في ليٽر ليوي 10 کان 50 رپيا في ليٽر وڌائي ويندي. انهن واڌن مان 850 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جو هدف آهي پر ان مد ۾ شارٽ فال 250 ارب رپيا آهي. حڪومت پهرين کان 15 فيبروري تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 35 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو