پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر ملازمن تي پوندو: امين الحق

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر ملازمن تي پوندو: امين الحق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان پورهيتن تي اثر پوندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امين الحق چيو ته پيٽرول جي قيمت جو تعلق عالمي منڊي سان آهي، پيٽرول جي اگهن ۾ ڦيرڦار سڄي دنيا ۾ نظر اچي رهي آهي.هن چيو ته آصف زرداري به چيو هو ته ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، ڪراچي ۾ مردم شماري جي تصديق جو عمل بهتر ڪيو وڃي، آدمشماري سبب چونڊون ملتوي ٿيڻ تي ڪو مسئلو ناهي.امين الحق چيو ته ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته چونڊون شفاف ٿين.وفاقي وزير چيو ته پيپر ڪلچر جي خاتمي لاءِ 44 وزارتون آن بورڊ ڪيون ويون آهن، جن ۾ هاڻي ڊيجيٽل ڪم ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت جي ڪابينا کي به پيپر ليڪس ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو