اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پهرين سيپٽمبر کان گهٽتائي جو امڪان آهي. تفصيلن موجب، ملڪ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جي ڪري، پنجاب ۾ هڪ تباهي واري صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن جا اثر سنڌ ۾ به متوقع آهن. انهن حالتن ۾ پهرين سيپٽمبر کان پاڪستان ۾ پيٽروليم شين (POL) جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڏيکاري پئي وڃي، جنهن سان صارفين کي ڪجهه رليف ملندو. سرڪاري اندازن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 0.61 رپيا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.13 رپيا في ليٽر واڌ ٿي سگهي ٿي.ساڳئي طرح، مٽيءَ جي تيل جي قيمت ۾ 1.57 رپيا ۽ هلڪي ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2.61 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.هن گهٽتائي جو سبب بين الاقوامي تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 264.00 رپيا في ليٽر (264.61 رپين کان گهٽ)، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 269.86 رپيا في ليٽر (272.99 رپين کان گهٽ)، مٽي جو تيل 176.70 رپيا في ليٽر ۽ هلڪو ڊيزل آئل 159.55 رپيا في ليٽر مقرر ٿي سگهي ٿو.










