پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ خلاف زرعي بئنڪ جي ملازمن جي بک هڙتال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)زرعي ترقياتي بئنڪ جي رٽائر ملازمن جي 2016 کان وٺي پينشن ۾ اضافو نه ڪرڻ خلاف بئنڪ جي هيڊ آفيس آڏو بک هڙتال جاري آهي. ملازمن جو چوڻ آهي ته رٽائرڊ ملازمن جا گروپ انشورنس ۽ ٻيا فنڊز روڪيا ويا آهن. ملازمن جي هڪ نمائندي دادن خان مهر ميديا کي ٻڌايو ته پينشن وڌائڻ لاءِ ڪجهه ملازم ڪورٽ ۾ ويا ته انهن کي پينشن وڌائي ڏني وئي پر ٻين ملازمن جي پينشن ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي. ملازمن چيو ته بئنڪ انتطاميا غير ضروري طور رٽائرڊ ملازمن کي تنگ ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جڏهن سڀني کاتن جي ملازمن جي پينشن ۾ واڌ ڪئي آهي ته بئنڪ جي رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ واڌ ڇو نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو