نوشھرو فيروز(رپورٽ اسد علي عمراڻي )پيراميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاء صوبائي ڪابينه ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي جڏهن ته نوشھروفيروز، سانگهڙ، درٻيلو، ٺاروشاهه،ڏيپارجا، ڪنڊيارو، هالا، مٽياري، ڏيپلو، درياخان مري، ڪنڍا کاهي، ميرپورخاص،سجاول ۽ ٻين ننڍن وڏن صحت مرڪزن تي OPD جي بائيڪاٽ سان گڏ مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي اعجاز ڪاڪيپوٽو، خادم مستوئي،حزب الله راڄپر، اشرف قريشي، راجا خاصخيلي، اختر چوهاڻ، سعود ٻوهيو، ظفر اقبال ۽ ٻين چيو ته افسوس جو صحت کاتو توڙي حڪومت سنڌ اسان جي جائز مسئلن جي حل لا۽ سنجيده ناهن ۔ اسان جو ٽائيم اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر ۽ مستتقل رسڪ الائونس وارا جائز مطالبا حل نه پيا ٿين ۔صوبائي وزيرن توڙي کاتي آڏو درخواستون ڪندي ۽ بار بار احتجاجن باوجود مطالبن تي ڪوبه ڌيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن ڪري پيرا ميڊيڪل اسٽاف هڪ ڀيرو ٻيهر جائز مطالبن جي مڃتا لا۽ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آھيون۔اڳواڻن وزيراعليٰ سنڌ کان گهر ڪئي ته پيراميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن جا جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ 22 فيبروري تي پوري سنڌ ڪراچي پريس ڪلب تي گڏ ٿي سخت احتجاج ڪري وزيراعليٰ هائوس طرف لانگ مارچ ڪيو ويندو۔










