خيرپور(سجاد علي ڪٻر)پندرهه سال اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو ، گوليون هڻي پريمي قتل ۽ سندس زال زخمي ڪري هٿياربند فرار ٿي ويا. راڻيپور جي ميربحر محلا ۾ الهڏنو ٿهيم جي گهر تي هٿياربندن حملو ڪيو ۽ گوليون هڻي الهڏنو ٿهيم کي قتل ۽ سندس گهرواري فردوس ٿهيم کي زخمي ڪري ڇڏيو. الهڏنو ٿهيم اصل جيڪب آباد جو رهواسي آهي پندره سال اڳ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد راڻيپور جي ميربحر محلي ۾ رهائش پذير هو آخري اطلاعن تائين راڻيپور ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. زخمي عورت کي اسپتال پهچايو ويو آهي.










