ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) گھوڙاگھاٽ پوليس حدمان اغواٿيندڙ ٻه نوجوان معشوق علي ۽ شھاب الدين ساوند کي پوليس 27 ڏينهن بعد بازياب ڪرائي ورتو آهي. جنھن بابت ايس.ايس.پي ڪشمور سيد اسدرضاشاھ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لا۽ ڏينھن رات ڪوششون ڪري رهيا هئاسين. ھرطرف کان ڏوھارين جا لنگھ سيل ڪيا ويا ھئا. ھن وڌيڪ چيو ته خفيه اطلاعن مطابق عيد ويجھي اچڻ تي ڌاڙيل مغوين کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس مقابلي بعد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو. ڏوهاري فرار ٿي ويا.










