سکر(جئيرام داس )سکر پوليس مقابلي ڏوھاري ڄاڻائي مارجي ويل عبدالمالڪ بيري جي وارثن پريس ڪلب آڏو لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو . گذريل ڏينھن سکر جي ائيرپورٽ ٿاڻي جي حد جي پوليس باگڙجي واري ڪچي ۾ عبدالمالڪ بيري کي مقابلي ۾ مارڻ جي داعوا ڪئي ھئي ، مارجي ويل عبدالمالڪ بيري جي وارثن مھراب بيري ، حاجي محمد بيري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالمالڪ سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل ھو جتان پوليس کنبي رات جو مقابلو ڄاڻائي اسان جي ماڻھو کي قتل ڪيو ويو ، ھنن چيو ته بنا ڪنھن ڏوھ ۽ سبب جي اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي اسان جو ماڻھو ڪنھن به ڏوھاري سرگرمين ۾ ناھي رھيو پوليس ڪنھن جي چوڻ تي مقابلو ڪري اسان جي ماڻھو کي ماريو آھي ، ھنن اي آء جي سنڌ ، اي آئي جي سکر کان واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪندي انصاف فراھم ڪرڻ جي گھر ڪئء










