غوثپور (عبدالنبي ملڪ)غوثپور ويجهو 3 ڏينهن اڳ هٿياربند هٿان اغوا ٿي ويل چڪ واسي رڪشا ڊرائيور حبدار علي کي ڪشمور پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ٻڌايو ته مغوي کي سکر سبزي منڊي مان سبزي کڻي اچڻ جي بهاني سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو، پوليس جي هلندڙ آپريشن ۾ ھٿياربند دٻاءُ ۾ مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا آهن ان موقعي تي ايس ايڇ او غوثپور عبدالفتاح ڏاھاڻي ٻڌايو ته اسان جو آپريشن جاري آهي ۽ جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪنداسين انشاء الله ضلع ڪشمور ۾ امن امان بحال ڪرائينداسين.










