پوليس هٿان 4 ڦورو گرفتار، موٽر سائيڪلون برآمد

شهدادڪوٽ (ڊ ر)اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪري 4 ڦورو گرفتار ڪري سندس قبضي مان موٽر سائيڪلون، پسٽل ۽ ماسٽر چاٻي هٿ ڪرڻ جي دعوي، گرفتار ڦورن مٿان ڪيس داخل.  شهدادڪوٽ جي ڊي ايس پي يار محمد رند، ايس ايڇ او اي سيڪشن اختر علي ابڙو اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه جي خاص هدايتن تي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن 4 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن. هنن چيو ته اي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري 3 جوابدارن سجاد، نجاد ۽ بلاول چانڊيو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 8 ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون، 3،  30 بور جا پسٽل، هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻي ڪاروائي ۾ هڪ جوابدار عبدالستار لونگاڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 4 ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون، هڪ ماسٽر چاٻي، ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتي آهي، هنن چيو ته گرفتار ٿيل 4 ڏوهارين مٿان 4 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن جڏهن ته هٿ آيل موٽر سائيڪلون اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن. هنن چيو ته ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ نه ڏينداسين ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ اوليئن فرض آهي جڏهن ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون اصل مالڪن کي ڏنيون ويون ان موقعي تي ماڻهن ڊي ايس پي شهدادڪوٽ ۽ ايس ايڇ او کي گلن ۽ نوٽن جا هار پارايا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو