پوليس هٿان کنڀيل شهري رينجرز پاران بازياب، ايس پي معطل

پوليس هٿان کنڀيل شهري رينجرز پاران بازياب، ايس پي معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رينجرز ڪجهه ڏينهن اڳ حراست ۾ ورتل شهري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ترجمان موجب رينجرز ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي سول لائنز تي ڇاپو هنيو جتان 19 مئي تي حراست ۾ ورتل شهري کي بازياب ڪرايو ويو. ان واقعي تي آءِ جي سنڌ ايس ايس پي، سي ٽي ڊي آپريشن عمران شوڪت ۽ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي آپريشن سهيل سلهري کي معطل ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته عراق مان واپس آيل شهري کي سي ٽي ڊي اهلڪار کڻي ويا، آزاد ڪرڻ لاءِ 15 لک گهريا ويا، پوءِ معاملو ڏيڍ لک ۾ طئي ٿيو. سي ٽي ڊي جي ٻن اهلڪارن کي گرفتار ڪري ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو